اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊا??ريڪٽرز (اي او اي ايم اي اين ڊي) جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نوان چونڊيل عهديدار اظهار راءِ جي آزادي جي فروغ، جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم نئين چونڊيل صدر اظهر عباس، سينيئر نائب صدر اياز خان، نائب صدر محمد عثمان، سيڪريٽري جنرل طارق محمو?? ۽ ??ين عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ايڊيٽرز ۽ نيوز ڊا??ريڪٽرز جو رياست ۾ مثبت صحافت جي فر??غ جي لاءِ ڪردار انتهائي اهم آهي. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار اظهار راءِ جي آزادي جي فروغ، جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا، ميديا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، حڪومت (اي او اي ايم اي اين ڊي) جي ميڊيا جي ترقي ۽ ان کي جديد رخن تي هلڻ لاءِ قدمن ۾ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي.