بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) پ??ڪس??ان ۽ چين اعليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ ٻطرفي مشاورتي طريقيڪار جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن چين پ??ڪس??ان اقتصادي لنگهه منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ اعليٰ معيار جي ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جي پڻ تجديد ڪئي جنهن ۾ ترقي ۽ روزگار ۽ گرين ڪوريڊور سميت 5 لنگهن تي ڌيان ڏنو ويندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڪالهه اربع ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان چين پ??ڪس??ان اسٽ??يٽ??ڪ ڊائيلاگ جي پنجين دور جي گڏيل صدارت ڪئي. ٻنهي طرفن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چين پ??ڪس??ان ”آل ويدر اسٽ??يٽ??ڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ جو ذڪر ڪندي نائب ??زيراعظم چين سان لاڳاپن کي پ??ڪس??ان جي پرڏيهي پالسي جو سنگ بنياد قرار ڏنو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي ڪري علائقائي امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن کي اجاگر ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي چين جي اصولي موقف کي ساراهيو.