اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير مرت??يٰ سولنگي چيو آهي ته اسلامي نظرياتي ڪائو??سل جون سالياني رپورٽون ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪيون ويون آهن، پارليامينٽ مان اسلامي نظرياتي ڪائو??سل جي سفارشن تي عملدرآمد بابت حڪمت عملي ملڻ تي عملدرآمد ڪيو ويندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر مشتاق جي رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران وفاقي وزير مرت??يٰ سولنگي چيو ته آرٽيڪل 230 (4) تحت اسلامي نظرياتي ڪائو??سل جون سالياني رپورٽون پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪيون ويون آهن، انهن رپورٽن جا تفصيل اڳ ۾ ئي ايوانن ۾ موجود آهن، حڪومت پاران اها ذميواري پوري ڪئي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت کي پارليامينٽ پاران انهن رپورٽس تي عملدرآمد جي حوالي سان ڪي هدايتون ناهن مليون، ان ڳالهه جي خاطري ڪائي وڃي ٿي ته پارليامينٽ پاران جڏهن به ڪا حڪمت عملي ملندي، حڪومت رولز آف بزنس 1973ع موجب ان حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرائيندي.