اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت جي گهٽ مدي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ??روغ ۽ ڪاروبار کي سهولت ڏيڻ جي ??اءِ قدمن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) تحت پاڪستان ۾ کربين ڊالر جي ??عدنيات جو شعبو ترقي جون نيون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، لوڻ جي برآمد ۾ اضافي سان پاڪستان ۽ آمريڪا جا واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي ڪمپني ميريڪل سالٽ ڪليڪٽو ان ڪارپوريشن جي ??فد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيئرمين ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي صدر احمد ند??م خان جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته گذريل ڏينهن پي ايم ڊي سي ۽ ميريڪل سالٽ جي ??چ ۾ صحيحون ٿيندڙ جوائنٽ وينچر کانپوءِ پاڪستان جي ??وڻ جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهو آمريڪا پاڪستان جي ??اپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. نگران وزيراعظم چيو ته هي منصوبو ان ڳالهه جو مظهر آهي ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ??اءِ موزون ترين موقعا موجود آهن، هماليائي گلابي لوڻ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ آهي، ان جي عالمي منڊين ۾ برآمدات خوش آئنده ڳالهه هوندي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ کربين ڊالر جي ??عدنيات جا ذخيرا موجود آهن. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت پاڪستان ۾ ان شعبي جي ترقي جون نيون منزلون طئي ڪيون پيون وڃن. نگران حڪومت جي گهٽ مدي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ??روغ ۽ ڪاروبار کي سهولت ڏيڻ جي ??اءِ قدم کنيا ويا جنهن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن. ميريڪل سالٽ جي ??فد حڪومت خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جا ڪمپني سان تعاون تي ٿورا مڃيا. وفد نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪمپني جي ??اڪستان ۾ جوڙجڪ کانپوءِ ان کي سڄي دنيا جي ??ڏين اسٽاڪ ايڪسچينجز تي آندو ويندو جنهن سان حڪومت ۽ مقامي سيڙپڪارن کي به فائدو ٿيندو. وفد نگران وزيراعظم کي لوڻ جي کاڻين وارن علائقن ۾ مقامي آبادي جي ??عاشي بهتري، تعليم ۽ صحت ۽ روزگار جي ??راهمي جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي بابت پڻ آگاهه ڪيو.