واشنگٽن-02 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان پاڪستاني ڄا??ن آمريڪي واپارين کي ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪ??ري وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن ڪيليفورنيا ۾ قائم پاڪستان آمر??ڪن چيمبر آف ڪامرس جي چيئرمين وقار علي خان جي اڳواڻيءَ ۾ ورچوئل ميٽنگ دوران چيو ته اسان جي اولين ترجيح پاڪ- آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاريءَ کي وڌائڻ آهي. موجود?? حڪومت مالياتي ادارن کي ملڪي معيشت جي سمورن شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ پُرڪشش مراعتون به ڏئي رهي آهي. هن چيو ته نئين قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ منافعي بخش ڪار??با?? شروع ڪرڻ جي راهه ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن واپ??ري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪار??با??ي برادرين جا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ کي ڪردار کي ساراهيندي پاڪ- آمريڪا واپ??ري ۽ سيڙپڪ??ري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمريڪا ۾ قائم ڪندڙ مختلف چيمبرز ۽ واپ??ري تنظيمن وچ ۾ وڌ ۾ وڌ تعاون جي ضرورت تي زور ڀريو.