اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ ”شهداءِ ڄمون ڏهاڙي“ جي موقع?? تي ڄمون ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. آزاد ڪشمير گلگت بلتستان ۾ منعقد مختلف تقريبن ۾ لبريشن فرنٽ جي اڳواڻن جو آزادي حاصل ڪرڻ تائين جدوجهد ج??ري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هڪ تقريب ۾ مرڪزي ترجمان محمد رفيق ڊار پاران ڄمون جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ ”شهداءِ ڄمون ڏهاڙي“ جي موقع?? تي سمورن ڄمون ڪشمير شهيدن کي خصوصي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. لبريشن فرنٽ جي اڳواڻن آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ منعقد مختلف تقريبن ۾ ڄمون جي شهيدن کي ياد ڪندي قربانين سان لبريز تحريڪ کي م??مل آزادي حاصل ڪرڻ تائين ج??ري رکڻ جو عزم جو ورجاءُ ڪيو. سينٽرل انفارميشن آفيس پاران ج??ري بيان موجب اسلام آباد ۾ شهداءِ ڄمون ڏهاڙي جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب ۾ پارٽي جي مرڪزي ترجمان محمد رفيق ڊار 6 نومبر 1947ع جي سانحي کي ياد ڪندي ڄمون جي شهيدن سميت سمورن ڄمون ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ پنهنجي زور تي ان جائز ۽ حق ۽ انصاف تي ٻڌل تحريڪ کي ج??ري رکڻ جو وچن ورجايو.