اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ايڪسپريس نيوز لاهور جي بيورو چيف محمد الياس جي والده جي ل??ڏاڻي تي ??هر?? ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرحومه جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي ??يو ته والده جو لاڏاڻو تمام وڏو سانحو آهي?? ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.