اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت ۾ ٿيندڙ آء?? سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندي، ٽيم جي سيڪيورٽي ??اب?? خدشن کان آء?? سي سي ۽ ڀارتي عملدارن کي آ??اهه ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته آء?? سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ اسان جو حصو وٺڻ جو فيصلو پاڪستان جي مستقل موقف جي عڪاسي ڪري ٿو ته راندين کي سياست سان نه ڳنڍي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جو تعميري ۽ ذميواراڻو انداز ڀارت سان ٽڪراءُ آهي جنهن بار بار پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم کي ايشيا ڪپ جي لاءِ پاڪستان موڪلڻ يا پاڪستان جي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري راندين جي سياست ڪئي آهي. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته ڀارت جي دوري دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي گهربل ش??ئس??گي، مڪمل حفاظت ۽ تحفظ ملندو. هن چيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي سيڪيورٽي ??اب?? اسان جي گهرن خدشن کان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ۽ ڀارتي عملدارن کي آ??اهه ڪيو پيو وڃي.