اسلام آباد -15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان جمهوريت جي ستين سالگره ۽ قومي ا??حا?? جي ڏينهن جي ياد ۾ ترڪيه جي برادر عوام ۽ حڪومت سان گڏ آهي. ترڪيه ۾ جمهوريت جي ستين سالگره ۽ قومي ا??حا?? جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن بهادر ترڪ عوام جي عظيم قربانين کي ياد ڪندي اسان انهن شهيدن کي خر??ج عقيدت پيش ڪيون ٿا جن جمهوريت ۽ بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ جي گندي ڪوشش جو بهادري سان مقابلو ڪيو. وزيراعظم چيو ته 2016ع جو هي ت??ريخي عهد وارو ڏينهن منهنجي ڀاءُ رجب طيب اردگان جي فعال ۽ متحرڪ قي??دت تي غير متزلزل يقين ۽ گهري اعتماد جي به عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته ان ڏينهن جو اهم نقطو اهو آهي ته گڏيل ا??حا??، ڀائيچاري ۽ گهرن رشتن جي طاقت سان ڪنهن به چئلينج تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.