اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قومي سلامتي، خودمختيار?? جي تحفظ، مجرماڻي سرگرمين جي تدارڪ ۽ دهشتگرد?? جي خاتمي لاءِ آءِ بي جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪ جي ??اءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن تي قوم کي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽيلي جنس بيورو جي ڊائريڪٽر جنرل فواد اسد الله خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم کي انٽيلي جنس بيورو جي ??ڪ سال جي ڪارڪردگ?? جي رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم آءِ بي جي ??ڪ سال جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري، ملڪي ۽ غيرملڪي عنصرن کان خطرن جي ??قابلي ۾ آءِ بي جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، قومي سلامتي ۽ خودمختيار?? جي تحفظ ۾ آءِ بي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ آءِ بي کي قومي مفادن جي حوالي سان اضافي ٽاسڪ ڏنا جيڪي هن ڪاميابي سان حاصل ڪيا. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي اندر مجرماڻي سرگرمين جي تدارڪ، دهشتگرد?? جي خاتمي ۾ آءِ بي فعال ڪردار ادا ڪيو، وقت سر اطلاعات جي ??راهمي سان صحيح فيصلاسازي ۾ پڻ آءِ بي جو شاندار ڪردار رهيو. وزيراعظم فواد اسد الله جي ??يشيواراڻي قابليت ۽ اداري کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم آءِ ب?? جي آفيسرن ۽ عملي کي شاباس ڏني ۽ آءِ ب?? جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اداري جون غيرمعمولي ڪاميابيون فخر جوڳيون آهن، ملڪ جي تحفظ ۽ سلامتي جي ??اءِ شهادت ماڻ??ند?? شهيدن تي قوم کي فخر آهي. فواد اسد الله خان وزيراعظم جي آءِ بي تي اعتماد ۽ ڀرپور حمايت تي ٿورا مڃيا، آءِ بي ملڪ جي سڀ کان پراڻي ۽ وڏي سويلين انٽيلي جنس ايجنسي آهي.