اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نو??وان قوم جو مستقبل ۽ خوشحالي جي ضمانت آهن، دل چاهي ٿي ته هر ٻار وٽ ??يپ ٽاپ هجي ۽ هڪ لک نه هڪ ڪروڙ ??يپ ٽاپس ورهايان، نو??وانن تي سيڙپڪاري کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ??يپ ٽاپس ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي خاص معاون شزه فاطمه، عطا تارڙ، ملڪ احمد خان کانسواءِ ايڇ اي سي جي چيئرمين، استادن، والدين ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته جڏهن آئون خادم پنجاب هئس ته نو??وانن ۾ لکين ??يپ ٽاپس ورهايا. پنجاب ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ سان بي شمار شاگردن کي تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو انهن مان ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون اڄ ڊاڪٽرز، انجنيئرز ۽ ڪامياب پروفيشنلز بڻجي چڪا آهن ۽ پاڪستان جي خدمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هڪ ڏينهن لاهور ۾ هڪ ٻارڙي ??يپ ٽاپ وٺندي مون کي ٻڌايو ته ان جا والدين هند نيا ۾ نه آهن پر هو ڊاڪٽر بڻجڻ چاهي ٿي. وزيراعظم چيو ته قوم جي روشن مستقبل جي ڪُنجي نو??وانن جي هٿ ۾ آهي. منهنجي دل چاهي ٿي ته هر نو??وان جي هٿ ۾ ??يپ ٽاپ ڏيان. ڪوويڊ – 19 جي عالمي وبا آئي ته درسگاهون بند ٿي ويون. اهي ??يپ ٽاپ ئي هئا جيڪي نو??وانن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۽ ڪامياب پروفيشنل بڻجڻ جو ذريعو بڻيا. جديد دور جي گهرجن موجب قوم جي هر ٻار جنهن وٽ علم آهي ۽ محنت ڪرڻ چاهي ٿو ان کي پنهنجو پيٽ ڪاٽي ??يپ ٽاپ فراهم ڪنداسين. اهي ??يپ ٽاپ لکين نو??وانن کي روزگار ڪمائڻ جي قابل بڻائڻ جو ذريعو به بڻيا آهن. ايندڙ هڪ سال دوران نو??وانن ۾ هڪ لک ??يپ ٽاپ ورهايا ويندا، ان جي لاءِ بجيٽ ۾ ر??م رکي وئي آهي. اهي ??يپ ٽاپ ڪنهن سفارش تي نه پر نج ميرٽ تي ملندا. وزيراعظم چيو ته نو??وانن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ان کانسواءِ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ر??ندڙ نو??وانن کي به 5 ارب رپين جا زرعي قرض فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم ان يقين جو اظهار ڪيو ته نو??وانن جي محنت رنگ آڻيندي ۽ اسان آءِ ٽي جي شعبي ۾ پاڙيسري ملڪ کي به پٺتي ڇڏينداسين ۽ پاڪستان کي ان جو وڃايل مقام واپس ڏيارينداسين. هن چيو ته منهنجو وس هلي ته هڪ لک نه پر هڪ ڪروڙ ??يپ ٽاپ نو??وانن ۾ ورهايان ڇو ته اهي ئي ??يپ ٽاپ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو ذريعو بڻجندا. وزيراعظم سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي دل ڏکوئيندڙ واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته اڄ جمعي ڏينهن پوري قوم دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي لاءِ احتجاج ڪري ر??ي آهي ته ڪو به مسلمان قرآن مجيد جي بي حرمتي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. ان کان اڳ وزيراعظم ڦيٿو ڪاٽي پوري پاڪستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ هڪ لک ??يپ ٽاپ ورهائڻ جي پروگرام جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم تقريب ۾ شريڪ مختلف يونيورسٽين جي نمايان تعليمي قابليت جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ پاڻ ??يپ ورهايا.