لاهور – 14 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فنڪار اسان جي سڃاڻپ ۽ قومي اثاثو آهن، ملڪي ثقافت جي فروغ ۽ قومي تشخص کي پروان چڙهائڻ ۾ فنڪارن جو اهم ڪردار آهي. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل فلم، اسٽيج ۽ ٽي وي آرٽسٽن سان ڳالهائيندي چئي. فنڪارن ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ فلم فنانس فنڊ ۽ هيلٿ انشورنس جي لاءِ وڏي رقم رکڻ تي اطلاعات و??ري وفاقي وزير جا ٿورا مڃيا. هنن وزيراعظم شهباز شريف ۽ اطلاعات و??ري وفاقي وزير جي ڪوششن تي ا??هن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته تخليقي سوچ جي حوصلا افزائي معاشري جي واڌويجهه جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ فلم فنانس فنڊ جي لاءِ 2 ارب ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب رپيا رک??ا ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت تشخص ۽ روشن سڃاڻپ کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. فلمون ملڪ جي ثقافت، تاريخ، قدرن، ورثي ۽ سياحت کي اجاگر ڪرڻ جو اهم ذريعو آهن. اطلاعات و??ري وفاقي وزير فنڪارن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ اڳ??ڻي دور ۾ فنڪارن جا حق غضب ڪرڻ جي ازالي جي خاطري ڪرائي. فنڪارن اطلاعات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي گلدستو پڻ پيش ڪيو.