اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايراني هم منصب حسين امي?? عبدالله کي ٽيليفون ڪيو ۽ ??يد جي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس پاران جا??ي بيان موجب ايراني پرڏيهي وزير پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري پڻ ايراني عوام کي مبارڪباد ڏني. پنهنجي ايراني هم منصب سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي هڪ مثبت ??ڳڀرائي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي سان خطي جي ترقي ۽ استحڪام ۾ مدد ملندي، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر ٿيندڙ لاڳاپن جي آجيان ڪري ٿو.