اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپني کي بيواهه کي 3 لک جو انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اسٽيٽ لائيف انشورنس جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني بيواهه کي لائيف انشورنس ڪليم جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. اسٽيٽ لائيف موقف اختيار ڪيو ته ??وت?? جي موت رستي حا??ثي سان سڌ??س??ئو?? نه پر مرگهي جي ڪري ٿي. صدر اسٽيٽ لائيف جو موقف رد ڪري ڇڏيو ۽ وفاقي محتسب جا حڪم برقرار رکندي چيو ته اسٽيٽ لائيف مناسب قاعدا ضابطا اختيار ڪئي ۽ بدانتظامي کي روڪي. صدر چيو ته ڪو ثبوت پيش نه ڪيو ويو ته ??وت?? جو موت مرگهي سان سڌ??س??ئو?? ٿيو، محتسب بجا طور تي فيصلو ڪيو ته رڳو پوليس روزنامچي تي دارومدار ڪيو ويو. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف جي فيلڊ آفيسر جي رپورٽ ۾ ??وت?? پاليسي هولڊر کي صحتمند قرار ڏنو ويو، رپورٽ ۾ واضح طور تي لکيو ويو آهي ته آفيسر ??وت?? پاليسي هولڊر کي گذريل ٻن سالن کان سڃاڻيندو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيئن ته بدانتظامي ثابت ٿي ان لاءِ اسٽيٽ لائيف 30 ڏينهن ۾ شڪايت ڪندڙ کي ڪليم ادا ڪري. واضح رهي ته ريحانه بي بي (شڪايت ڪندڙ) جي ??وت?? مڙس اڪرم مسيح 20 سالن جي لاءِ 3 لک رپين جي لائيف انشورنس پاليسي حاصل ڪئي، اڪرم مسيح جو موت رستي حا??ثي ۾ ٿيو، موت کانپوءِ زال انشورنس جي دعويٰ ڪئي. عورت وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن ان جي حق ۾ حڪم جاري ڪيو. اسٽيٽ لائيف محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي جڏهن ته صدر حقيقتن کي نظر ۾ رکندي اسٽيٽ لائيف انشورنس جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو آهي.