اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته اسان جي سياسي اڳواڻن ڇڪتاڻ بدران مفاهمت جو رستو اختيار ڪري 1973ع جو متفقه آئين جوڙي ??اريخ لکي، آئين سمورين وفاقي ڌرين کي قيامت تائين هڪ ڏور ۾ ٻڌي رکندو، موجوده اتحادي حڪومت گڏجي درپيش چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آه??. آئين جي گولڊ جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي اسيمبلي ۾ منعقد ڪنوينشن ۾ آئين جي گولڊن جوبلي قرارداد پيش ڪندي پنهنجي خطاب ۾ وز??را??ظم چيو ته 10 اپريل پاڪستان جي تاريخ جو اهم ڏينهن آه??. هن ڪ??وينشن ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪ??دي چيو ته مختلف موقعن تي آئين ۾ ٿيندڙ ترميمن جي باوجود اهو زندهه آه??. هن چيو ته ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني عدل ۽ انصاف جي بول بالا جي لاءِ مختلف نظرين ۽ سوچ رکندڙ پارٽين گڏجي آئين جوڙيو، ذوالفقار علي ڀٽو شهيد، مولانا مفتي محمود، مولانا شاهه احمد نوراني سميت ٻين اڳواڻن اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو جنهن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن چيو ته 1999ع ۾ پهريون ڀيرو نظريه ضرورت کي ايجاد ڪيو ويو ۽ ڪهڙي ??رح هڪ چيف جسٽس هڪ ڊڪٽيٽر کي 7 سالن جي رعايت ڏئي ڇڏي، آئين کي ڪجهه وقتن تي ري رائيٽ به ڪيو ويو، 1973ع جو آئين جوڙيندڙن هڪ تاريخ لکي آه??. وز??را??ظم جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين گڏجي ملڪ کي مشڪل حالتن کان بچائڻ جي لاءِ حڪومت سنڀالي، جڏهن اسان اقتدار ۾ آيا هئاسين ته چيو پئي ويو ته هي اتحادي حڪومت هڪ مهينو به نه هلندي، اڄ هڪ سال ٿي ويو آه??، چئلينجز ۽ مشڪلاتون ضرور آه?? پر جڏهن پڪوپهه ڪري ڇڏيو ته گڏجي هلڻو آه?? ۽ ڪم ڪرڻو آه?? ته توهان اڳتي وڌو ٿا. هن چيو ته اسان سان شامل سياسي پارٽين مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي، جي يو آءِ، اي اين پي ۽ ٻين پارٽين پنهنجي پنهنجي منظور تحت اليڪشن ۾ وڃڻو آه?? پر جڏهن اهو طئي ڪيو وڃي ته اسان کي گڏجي معاملن کي هلائڻو آه?? ته وڏا وڏا چئلينجز عبور ٿي وڃن ٿا. هن آئين سازن کي سلام پيش ڪندي چيو ته آئين جوڙيندڙن ڇڪتاڻ بدران مفاهمت جو رستو اختيار ڪيو ۽ پاڪستان کي هڪ متفقه آئين ڏنو. هن چيو ته سمورين ترميمن ۽ مشڪلاتن جي باوجود آئين چئني وفاقي ڌُرين کي هڪ ئي ڏوري ۾ ٻڌي رکيو آه?? ۽ قيامت تائين جوڙي ??کندو. هن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ سينيٽر ميان رضا رباني کي گولڊن جوبلي تقريبون منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.