اسلام آباد – 10 – مارچ (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روزاني ايڪسپريس ڪراچي جي ايڊيٽر سين??ئر صحافي طاهر نجمي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم صحافت جي شعبي ۾ طاهر نجمي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو هڪ قابل صحافي هو، ان جو شمار ملڪ ج?? انتهائي پروفيشنل ايڊيٽرز ۾ ٿيندو هو. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فمائي ۽ سندس پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.