اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي معلومات ويب سائيٽ وڪي پي??يا کي فوري بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪندي اعتر??ض جوڳو مواد هٽائڻ جي لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه جي صحيحن سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. بيان موجب وزيراعظم اهو فيصلو ٽن رڪني وزارتي ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ڪيو. ٽي رڪني ڪميٽي قانون ۽ انصا??، معاشي ۽ سياسي معاملن ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارن وفاقي وزيرن تي ٻڌل هئي. وزارتي ڪميٽي اجلاس منعقد ڪيو ۽ معاملي جو جائزو وٺندي چيو ته وڪي پي??يا مفيد معلوماتي ويب سائيٽ آهي، شاگرد، محققين ۽ معاشري جا ٻيا طبقا ان مان فائدو کڻن ٿا، پوري ويب سائيٽ بند ڪرڻ مناسب نه آهي، اعتر??ض جوڳي مواد کي هٽائڻ جا قدم کنيا وڃن. بيان موجب انفارمي??ن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير ڪميٽي جو سربراهه هوندو، قانون ۽ انصاف، اطلاعات ۽ نشريات، ڪامرس ۽ ڪميونيڪشن جا وفاقي وزير ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ شامل آهن. ضرورت موجب ڪنهن ٻاهر کي ڪميٽي ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، ڪميٽي هڪ هفتي ۾ وفاقي ڪابينا کي رپورٽ پيش ڪندي. ڪميٽي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي وڪي پي??يا تائ??ن پهچ مڪمل بند ڪرڻ جي قدم جو جائزو وٺندي. ڪميٽي قدم تجويز ڪندي ته اعتر??ض جوڳي مواد تي پابندي ۽ ان تائ??ن پهچ کي روڪي سگهجي. ڪميٽي مذهبي طور تي حساس، مقدس ۽ اسان جي ڪلچر جي منافي مواد تي پابندي جي لاءِ طريقيڪار تجويز ڪندي. انفارمي??ن ٽيڪنالاجي واري وزارت ڪميٽي کي سيڪريٽريل خدمتون فراهم ڪندي.