اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي واپارين تي زور ڏنو آهي ته اهي ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري جي بي پناهه موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن، ??اڪ??تان 22 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي جي ما??ڪي?? آهي، جتي توانائي، انفراسٽرڪچر، اي ڪامرس، زرعي صنعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ انهن جا منتظر آهيون. خليج ٽائيمز کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 22 – 2021ع دوران 25.40 سيڪڙو جي اضافي سان گڏ 10 ارب 60 ڪروڙ ڊالر هو، جيتوڻيڪ ٻطرفي واپار جي اها سطح هاڻي به ٻ??هي ملڪن جي لاڳاپن جي صحيح عڪاس نه آهي، اسان پنهنجي موجوده اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي اقتصادي لاڳاپن کي بهترين سياسي لاڳاپن جي برابر آڻڻ جي لاءِ اقتصادي تعاون جا نوان رستا ڳولي رهيا آهيون. انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ فنانشل ٽيڪنالاجي شعبن ۾ تمام گهڻي صلاحيت سان گڏ تعاون جي گنجائش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ??اڪ??تانين جي بحالي لاءِ گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ ان جي قيادت جي قدمن تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا. گڏيل عرب امارات ۾ 17 لک ??اڪ??تاني عزت ۽ احترام سان پنهنجو روزگار ڪمائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان ??اڪ??تان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ دوستي جو بنياد رکيو، ان جي خواهش هئي ته ??اڪ??تان جو شمار سرگرم خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ ٿئي، اسان ان جي درياهه دلي ۽ سخاوت کي وڏي عرصي تائين ياد رکنداسين. هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ تازي ٻوڏ کانپوءِ ابوظهبي ۽ ??اڪ??تان جي وچ ۾ اسلام آباد ۽ سنڌ صوبي جي شهر ڪراچي، بدين، شڪارپور ۾ امدادي سامان جي پهچ جي لاءِ هڪ هوائي پل قائم ڪئي وئي. نومبر 2023?? ۾ گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس سي او پي 28 جي ميزباني ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته پنهنجي موسمياتي سفارتڪاري جي حصي طور ??اڪ??تان عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي تي بحث، ڳالهين ۽ عمل ۾ تعميري تعاون جاري رکندو.