اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪ??يٽ??ي جنرل انتونيو گوتريس سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير سيڪ??يٽ??ي جنرل کي ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار ۽ وڏي ??ئماني تي مدد ڪرڻ ۽ ايندڙ سال 9 جنوري تي جنيوا ۾ موسمياتي تبديلين جي پاڪستان تي اثرن بابت عالمي ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني ڪرڻ تي ان کي ساراهيو. پرڏيهي وزير ڪانفرنس ۾ اهم عطيو ڏيندڙن، ترقياتي ادارن ۽ نجي شعبي جي شرڪت ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي پاڪستان جي ٺوس منصوبي جي تجويزن جي حمايت جي لاءِ حوصلا افزائي تي سيڪ??يٽ??ي جنرل سان مسلسل تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. سيڪ??يٽ??ي جنرل جاري انساني امدادي ڪمن سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري بحالي ۽ نئين سر تع??ير جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل حمايت ۽ تعاون کي ورجايو. سيڪ??يٽ??ي جنرل چيو ته ڪانفرنس جي ڪاميابي ۽ پاڪستان جي نئين سر تع??ير ان جي اولين ترجيح آهي. سيڪ??يٽ??ي جنرل اسرندڙ ملڪن کي درپيش فوري چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هڪ متفقه ۽ جامع حڪمت عملي ٺاهڻ جي لاءِ جي – 77 ۽ چين جي خصوصي وزارتي ڪانفرنس گهرائڻ جي پرڏيهي وزير جي وقت سر قدم ک?? پڻ ساراهيو.