شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”ماحول??ات?? خطرن جي خلاف عالمي ڍال“ جي قدم جي اهميت کي ساراهيندي چيو آه?? ته ماحول??ات?? تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ تعاون جي ضرورت آهي، ماحول??ات?? خطرن کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ اسرندڙ ملڪن ۾ مالي وسيلن کي ٺوس ۽ متحرڪ ڪرڻ ج?? لاءِ بنيادي محرڪ جي طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه ڪوپ – 27 جي سربراهه اجلاس ۾ ”نقصانن ۽ زيان تي قدم ۽ تعاون ۾ اضافو – ماحول??ات?? خطرن جي خلاف عالمي ڍال“ بابت اعليٰ سطحي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي موقعي تي چئي. گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني گڏيل طور تي جرمن چانسلر اولاف شولز ۽ گهانا جي صدر نانا اڪوفواڊو ڪئي. اجلاس ۾ ڪيترن ئي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جهڙا ڪمزور اسرندڙ ملڪ اڳ ۾ ئي ماحول??ات?? تبديلي جي سنگين ۽ تباهي آڻيندڙ اثرن جو مشاهدو ڪري رهيا آهن جڏهن ته پاڪستان جو ماحول??ات?? تبديلي ۾ تمام گهٽ حصو آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن جي صورتحال ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ”نقصان ۽ زيان“ جو مسئلو پاڪستان جي اهم ترجيحن مان هڪ آهي، هن ڪوپ – 27 جي ايجنڊا ائٽم جي طور تي ان جي شموليت جي آجيان ڪئي. هن چيو ته اهو پهريون ڀيرو آهي جو سي او پي نقصان ۽ زيان جي لاءِ فنڊنگ جي انتظامن تي باضابطا طور تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جيڪو پاڪستان ۽ چين جي گروپ – 77 جي سربراهي ۾ اسرندڙ ملڪن جي مسلسل دٻاءُ جي ذريعي حاصل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ”ماحول??ات?? خطرن جي خلاف عالمي ڍال“ قدم جي اهميت کي ساراهيندي ماحول??ات?? تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ تعاون تي زور ڏنو. هن چيو ته گهربل فنانس??گ سهولت کي اسرندڙ ملڪن ۾ نقصان کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ مالي وسيلن کي ٺوس ۽ متحرڪ ڪرڻ ج?? لاءِ بنيادي محرڪ جي طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڪوپ – 27 ان سلسلي ۾ واضح ۽ حتمي فيصلو ڪرڻ ج?? وقت سر موقعو فراهم ڪيو آهي.