اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪشمير?? عوام جي آزادي جي جدوجهد جلد ڪاميابي سان همڪنار ٿيندي، 75 سال اڳ ڪشمير?? عوام آزادي جي جدوجهد ذريعي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير رياست جو سنگ بنياد رکيو. 75 هين ڪشمير تاسيس ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشمير?? عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پاران انساني حقن جي پائمالي جو نوٽيس وٺي. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشمير?? عوام جي خودمختياري جي حق تي راتاهو هنيو ۽ ڀارت ڪڌي حربن سان گهڻي دير پنهنجو غيرقانوني قبضو ق??ئم نه ٿو ر??ي سگهي. ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جا ڪڌ?? حربا ڪشمير?? عوام جو عزم ۽ حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪر?? سگهن. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته اسان پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي جائز خودمختياري جي مقصد جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون.