اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تيز رفتار اقتصادي ترقي کي يقيني ب??ائڻ جي لاءِ اڪائونٽنگ ۽ ماحولياتي شعبي سميت ملڪ جي سڀني شعبن ۾ ريجنل ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي ٽولز سميت جدت کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پا??ستان کي پنهنجي تعليمي نظام ۾ آن لائين ۽ هائبرڊ سکڻ جي طريقن کي اختيار ڪري يونيورسٽي مان فارغ ٿيندڙ ماڻهن ۽ پيشيور ماڻهن ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هتي ايوان صدر ۾ انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آف پا??ستان (آءِ سي اي پي) جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر آءِ سي اي پي اشفاق يوسف تولا، نائب صدرن، اڪائونٽنٽ ۽ مالياتي شعبي جي ميمبرن ۽ شاگردن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر فيصلاسا??ن ۽ ادارن تي زور ڏنو ته اهي هڪ موثر نظام قائم ڪن ته جيئن نئين ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز اختيار ڪرڻ جي لاءِ انهن جي لاڳت جو اندازو لڳائي ان جو استعمال يقيني ب??ائي سگهجي ۽ ترقي يافته دنيا سان هم آهنگ رهڻ جي لاءِ ان کي تيزي سان اختيار ڪرڻ جي لاءِ ا??تظ??مي ۽ معاون ڍانچو جوڙيو وڃي. هن سرڪاري شعبي جي لاءِ اڪائونٽنٽ ۽ آٽو ميشن جي ڊبل انٽري جي نظام کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سڄي دنيا جون معيشتون آءِ سي ٽي ۽ ڊيجيٽل ذريعن جي مدد سان آٽو ميشن تيز رفتار مالياتي ماڊلز ۽ محفوظ ڏي وٺ جي نظام جي طرف تيزي سان منتقل ٿي رهيون آهن. صدر چيو ته پا??ستان تي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ سميت تربيت يافته ماڻهن ۽ پيشيور ماڻهن جي ضرورت آهي ۽ انهن کي پنهنجي تعليمي نظام ۾ آڻڻ ۽ هائبرڊ سکڻ جي طريقن کي اختيار ڪري يونيورسٽي مان فارغ ٿيندڙ ماڻهن ۽ پيشيور ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته روايتي تعليمي نظام جي ابتڙ هائبرڊ ۽ آن لائين تعليم سان گريجوئيٽس جي انگ کي وڌائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته 2 سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام تي به غور ڪرڻ گهرجي ڇو ته صنعت ۽ مارڪيٽ کي هنرمند پيشيور ماڻهن جي ضرورت آهي. صدر وزيراعظم جي ڊيجيٽل اسڪلز جي پروگرام کي ساراهيو، جنهن سڄي پا??ستان ۾ مستحڪم تعليمي پس منظر سان تعلق رکندڙ لکين ماڻهن کي ڊيجيٽل مهارتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مالياتي ۽ اڪائونٽنگ جي شعبي سان واڳيل ماهرن تي زور ڏنو ته اهي معيشت جي ڊاڪيومينٽيشن ۾ مدد فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ چوري ۽ ٽيڪس کان بچڻ جي حوصلا شڪني ڪن ۽ بدعنواني تي ضابطو آڻڻ کانسواءِ حڪومت کي منصفاڻي ٽيڪس ۽ اوڳاڙين ۾ مدد فراهم ڪري. هن چيو ته هر ماڻهو جي اها اخلاقي ذميواري آهي ته هو هڪ صحتمند معاشري کي وڌائڻ جي لاءِ بدعنواني، ڏوهاري سرگرمين ۽ هراسان ڪرڻ جي حوصلا شڪني ڪن. صدر چيو ته قانونن جو لاڳو، انهن جي سخت ۽ منصفاڻي لاڳو کي يقيني ب??ائڻ، قانون جي مناسب عمل جي ذريعي انصاف جي فراهمي ۽ ماڻهن م خوداحتسابي ۽ تقويٰ جو جذبو معاشري جي سطح تي بدعنواني جي حوصلا شڪني جي راهه هموار ڪندو. انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آف پا??ستان جي صدر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن جو ادارو پا??ستان ۾ اڪائونٽنگ جي شعبي جي ريگيوليٽري باڊي آهي ۽ ان جا 9 هزار کان وڌيڪ ميمبر آهن، جيڪي ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته آءِ ڪيپ پا??ستان ۾ ريگيوليٽري فريم ورڪ کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي ۽ هو اسٽيٽ بئنڪ آف پا??ستان، ايف بي آر ۽ مختلف وزارتن سميت اهم پاليسي ساز ادارن ۽ ريگيوليٽري ادارن سان تعاون ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ صدر اڪائونٽنگ جي مختلف شعبن ۾ امتيازي تعليمي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي گولڊ ميڊل ۽ ميرٽ سرٽيفڪيٽن سان نوازيو.