اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پا??ستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن، پا??ستان برطانيا سان واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان برطانيا جي ڏکڻ ايشيا ۽ دولت مشترڪه واري ملڪتي وزير لارڊ طارق احمد ملاقات ڪئي. وزيراعظم پا??ستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون ??ي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻطرفو واپار 3.1 ارب پائونڊ تائين پهچي ويو آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ 16 لک پا??ستانين ??ي مثبت ڪردار جو خصوصي حوالو ڏنو. لارڊ طارق احمد پا??ستان ۾ تازي ٻوڏ جي ڪري انساني جانين جي زيان تي برطانوي حڪومت پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پا??ستان ۾ بوڏ بابت امدادي سرگرمين ۾ برطانيا جي حمايت تي ان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پا??ستان عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهڻ جي باوجود موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي. لارڊ طارق احمد وزيراعظم کي ٻڌايو ته برطانوي عوام ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ستاني پا??ستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ تمام وڌيڪ مصروف آهن. پا??ستان ۾ ريليف ۽ بحالي جي ڪمن جي لاءِ برطانيا پاران وزيراعظم کي مسلسل مدد جي خاطري ڪرائيندي لارڊ طارق احمد پا??ستان جي لاءِ اضافي 10 ملين پائونڊ امداد جو اعلان ڪيو جنهن سان برطانيا جي ٻوڏ بابت امداد جي ڪل مقدار 26.5 ملين پائونڊ ٿي وئي. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ??ي مسلسل خلاف ورزين کان آگاهه ڪندي زور ڏئي چيو ته ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمي?? تڪرار جو پرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي مدي وارو امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پا??ستان جي اصولي حمايت کي ورجايو. جنهن ۾ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪرڻ، ان جي استعمال جو ??طر??، رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام، تڪرارن جو حل ۽ سمورين رياستن جي لاءِ هڪ جهڙو تحفظ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته پا??ستان دشمني جي فوري خاتمي جو مطالبو ۽ يوڪرين جي تڪرار کي جلد ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ جي لاءِ س??ارتڪاري ۽ ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم برطانوي مملڪتي وزير ۽ ان جي وفد ??ي مان ۾ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو.