اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف اڄ سومر تي هڪ ڏي??هن جي دوري تي ٿر پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٿر جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم کي ٿر ڪول پراجيڪٽ تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم ٿر ڪول پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ عورت ڊمپر ڊرائيورز سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم ٿر انرجي لميٽيڊ جي ڪنٽرول روم جو دورو ڪندو. ٿرڪول مائنز جي فيز ٽو جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو ۽ تقريب کي خ??اب ڪندو.