ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ رو?? جي صدر ولاديمير پيوٽن مُ??اقات ۾ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جو ايندڙ اجلاس جلد اسلام آ??اد ۾ گهرائڻ تي اتفاق ڪندي وزيراعظم شهباز شريف غذائي تحفظ، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، دفاع ۽ سيڪيورٽي سميت گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ??رجايو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلا?? جي موقعي تي خوشگوار ماحول ۾ ٿي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم روس پاران پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ يڪجهتي جي اظهار ۽ حمايت تي صدر پيوٽن جا ٿورا مڃيا ۽ کيس موسمياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ هن آفت جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم پاڪستان روس لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪي مضبوط گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل آهن. وزيراعظم پاڪستان جي روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ??رجايو ته جيئن غذائي تحفظ، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، دفاع ۽ سيڪيورٽي سميت گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي ??ڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي. ملاقات ۾ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جو ايندڙ اجلاس جلد اسلام آ??اد ۾ گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. افغانستان ۾ رو?? جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان، پاڪستان ۽ روس ٻنهي جي مفاد ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي قدمن جي رفتار کي تيز ڪرڻ ضروري آهي. وزيراعظم افغانستان ۾ استحڪام جي لاءِ سمورين علائقائي ۽ عالمي ڪوششن جي حمايت جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ??رجايو.