اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وز??ر??عظ?? شهباز شريف ڏکڻ سنڌ ۾ چوماسي برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثري?? کي فوري طور تي 50 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??ر??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??ر??عظ?? پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومت کي فوري طور تي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??ر??عظ?? چيو ته ٻوڏ صورتحال ۾ پهرين ترجيح متاثر ماڻهن جو ريسڪيو ۽ انهن جي فوري امداد آهي. وز??ر??عظ?? هدايت ڪئي ته متاثري?? کي فوري طور تي 50 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪيا وڃن. متاثري?? کي کاڌي ۽ صاف پاڻي جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي. متاثري?? کي رهائش ۽ طبي سهولتن جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وز??ر??عظ?? ملڪ جي باقي حصن ۾ به برساتن جي نتيجي ۾ متوقع ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادار?? کي تيار رهڻ جي پڻ هدايت ڪئي.