اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان راولپنڊي ۾ سوين قدي?? ۽ ??يمتي وڻن جي واڍي جو سختي سان نوٽيس وٺندي چيو آهي ته انهن جي ذميدارن جو تعين ڪري قا??ون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، بلين ٽري سونامي جي دعوائن ۾ قدي?? ۽ ??يمتي وڻن جي واڍي ڪيئن ٿي حقيقتون قوم جي سامهون آڻينداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بلين ٽري سونامي ريڊيو پاڪستان جا وڻ کائي وئي، بلين ٽري ??رپشن سونامي سان ريڊيو پاڪستان جي وڻن جي واڍي جا ثبوت برآمد ٿيا آهن، ظاهري طور لڳي ٿو ته اها سڄي ڪارروائي مجاز اٿارٽي جي منظوري ??انسواءِ عمل ۾ آئي، اطلاعات واري وزير لاڳاپيل عملدارن کان فوري طور تي ان معاملي جي رپورٽ گهري آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ??ي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽِينڊنگ ڪميٽي جي مڪمل ڪارروائي جا منٽس ۽ ريڊيو پاڪستان جي تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪ??ڻ جو حڪم ڏنو، هن چيو ته وفاق ۽ پنجاب جي ماحولياتي تحفظ جي ايجنسين ۽ راولپنڊي ڪنٽونمينٽ بورڊ کي به اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، وڻن جا قسم، انهن جون ??مر??ن ۽ انهن جي مارڪيٽ قيمت جي تعين لاءِ ماهرن جي مدد نه ورتي وئي، انب، ٽالهي، شهتوت، ريٽا ۽ شاه بلوط سميت 600 کان وڌيڪ وڻن جي واڍي سنگين معاملو آهي، ذميدارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.