اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي متحده عرب ا??ارات جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ??ڳو??ي صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي شاهي خاندان، عوام ۽ متحده عرب ا??ارات جي حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو، صدر متحده عرب ا??ارات جي ??ڳو??ي صدر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي پاڪستاني عوام کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. ڇاڪاڻ جو هو پاڪستان جو سچو ۽ مخلص دوست هو. هن چيو ته متحده عرب ا??ارات جي ??ڳو??ي صدر جي وفات ٻنهي ملڪن جي لاءِ وڏو نقصان آهي ۽ هو پاڪستاني قوم جي جذبن جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان متحده عرب ا??ارات جي شاهي خاندان ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، مرحوم شيخ خليفه بن زايد النهيان جي پاڪستان لاءِ خدمتن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي صدر عارف ع??وي چيو ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ متحده عرب ا??ارات جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا، ان موقعي تي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي وڌيڪ بهتر ۽ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، متحده عرب ا??ارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي تعزيتي دوري تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ متحده عرب ا??ارات جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن، هن متحده عرب ا??ارات جي اقتصادي ترقي ۾ پاڪستاني برادري جي ڪردار کي به ساراهيو.