اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته آئين پاڪستان جي خلاف ڪو ڪم اسان جي سالميت، قومي يڪجهتي، ج??هوريت ۽ ملڪ پاڪستان جي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو، پرڏيهي وزير پاران پارلياماني ڪميشن جي قيام جي تجويز تي آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اٿاريل نقطي تي رولنگ ڏ??ندي اسپيڪر چيو ته آئين پاڪستان جي سربلندي، عزت توقير ۽ تڪريم هر اداري ۽ فرد تي لازمي آهي، ان سان جڙيل رهڻ بنيادي شرط آهي. آئين پاڪستان جي خلاف ڪو به ڪم اسان جي سالميت، قومي يڪجهتي، ج??هوريت ۽ ملڪ پاڪستان لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو، ڪنهن شخص يا اداري کي اها اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته هو آئين ??ان کيڏي، پرڏيهي وزير پاران پارلياماني ڪميشن جي قيام جي تجويز تي آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو.