اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ ??جل?? جي لوڊشيدنگ ۾ اضافي ۽ عوام جي مشڪلاتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مئي جي مهيني تائين لوڊشيڊنگ ۾ نمايان گهٽتائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي سخت هدايت ڪندي چيو ته عوام کي جيستائين ان عذاب مان ڇوٽڪارو نه ٿو ملي نه پاڻ سک سان ويهندس نه ڪنهن کي ويهڻ ڏيندس. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اڳوڻي حڪومت جي ڏوهاري غفلت جي پيدا ڪيل تڪليف کان ??هر??ن کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن، تيل ۽ گئس جو بندوبست ٿيڻ تائين عبوري قدمن کي بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته نواز شريف حڪومت ملڪ ۾ اضافي ??جل?? جي وڏي مقدار فراهم ڪئي هئي، ??مران خان ??جل?? جو هڪ به نئون يونٽ شامل نه ڪيو، نه وقت سر ٻارڻ خريد ڪيو نه ڪارخانن جي م??مت ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته عمران حڪومت اسان جي دور جا سستا ۽ تيز ترين ??جل?? پيدا ڪندڙ پلانٽ بند ڪيا، مهانگي ۽ گهٽ ??جل?? ٺاهيندڙ ڪارخانا استعمال ڪيا ويا، ان ظلم جي قيمت قوم کي هر مهيني 100 ارب رپين جي شڪل ۾ ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 6 ارب ۾ ايل اين جي جو هڪ جهاز ملي رهيو هو اهو قوم کي 20 ارب ۾ پئجي رهيو آهي، ??مران حڪومت جو اهو ظلم قوم کي هن سال 500 ارب کان وڌيڪ ۾ پوندو، توانائي جي شعبي جي تباهي ڪري پاڪستان جي معيشت جو ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي.