ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير کي صوبي سنڌ جي ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ ڀ??ائي ۽ ترقي کي يقيني ب??ائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي ۽ صوبي ۾ انتظامي ۽ امن ا??ان جي مجموعي صورتحال تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم وڏي وزير کي صوبي جي ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ ڀ??ائي ۽ ترقي کي يقيني ب??ائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششن جي هدايت ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم محمد شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي پنهنجي ڪابينا پاران مبارڪباد پيش ڪئي ۽ کيس يقين ڏياريو ته هو وفاقي حڪومت سان گڏجي سنڌ جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ سمورا امڪاني قدم استعمال ۾ آڻينداسين، ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، خالد مقبول صديقي، مولانا اسعد محمود، احسن ا??بال ۽ ٻيا به موجود هئا.