اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چ??و آهي ته وفاقي گادي واري شهر جي مختلف علائقن کي ميٽرو بس سسٽم سان ڳنڍڻ جي لاءِ فزيبلٽي رپورٽ جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏ??و آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت شهرين کي بهترين، باعزت، آسان ۽ ماحول دوست ٽرانسپو??ٽس سروس جي فراهمي تي يقين رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته 5 سال گذري وڃڻ جي باوجود پشاور موڙ کان ايئرپورٽ تائين ميٽرو جو منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو. وزيراعظم چيو ته مون ان منصوبي ۾ دير جي جاچ ۽ ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏ??و آهي. هن عوامي ڀلائي جي ان منصوبي ۾ دير ۽ ان جي ڪري لاڳت ۾ اضافي کي بدقسمتي قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ ملڪي معيشت جا سمورا شعبا جمود جو شڪار رهيا.