اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ورتو. اها ڳاله?? پرڏيهي وزارت جي ترجمان پنهنجي ??ڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌائي. و??ير??عظم محمد شهباز شريف دوري دوران گذريل رات سعودي عرب جي ??لي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي هئي. ٻنهي اڳواڻن جي ??چ ۾ جده ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران واپاري ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ، سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ پاڪستاني افرادي قوت لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جا معاملا بحث هيٺ آيا. سعودي عرب جي دوري دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سميت اعليٰ سطح جو وفد و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان گڏ هو.