اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي جنهن جي بنيادي ذميداري شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي، وزيراعظم کي اختيار حاصل آهي هو ڪنهن به وقت اسيمبليون تحليل ڪرڻ جي تجو??ز ڏئي نئين چونڊن طرف وڃي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪشن ڪميشن جي بيان تي رد عمل ۾ چيو، هن چيو ته هڪ طرف اسان کي افغانستان ۾ عدم استحڪام درپيش آهي ته ٻي طرف هندستان حادثاتي طور تي ميزائل فائر ڪري خطي جي ??من کي تباهه ڪري رهيو آهي، اهڙين حالتن ۾ ملڪ ۾ غير يقيني ??اري صورتحال کي برقرار رکڻ پاڪستان جي مفاد ۾ نه آهي، هن چيو ته ان صورتحال ۾ واحد ح?? شفاف چونڊن جو وقت سر انعقاد آهي.