اسلام آباد – 22 –; مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان اسلامي تع??ون تنظيم جي ڪردار کي وڌيڪ مس??حڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب شاهه محمود قريشي اسلام آباد ۾ اسلامي تع??ون تنظيم جي ??رڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بطور ميمبر پاڪستان اسلامي ملڪن جي ??چ ۾ ڀائيچاري کي فروغ ڏيندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي او آءِ سي تي زور ڏنو ته مسلمان امت کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ گڏيل ردعمل جو مظاهرو ڪري. هن چيو ته او آءِ سي اٽڪل 2 ارب مسلمانن جو گڏيل آواز آهي. اها مسلمان ملڪن ۽ عالمي برادري جي ??چ ۾ هڪ پل آهي. مسلمان امت جي اندر يڪجهتي ۽ تع??ون کي فروغ ڏيڻ پاڪستان جي ??رڏيهي پاليسي جي ??رڪزي ٿنڀن مان هڪ آهي. هن چيو ته او آءِ سي اجلاس جي 48 هين اجلاس جي چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان جو بنيادي هدف مسلمان ملڪن جي ??چ ۾ تع??ون کي وڌيڪ مس??حڪم ڪرڻ هوندو. فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جو ذڪر ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمُون ۽ ڪشمير جا مسلمان هينئر به غلامي جو شڪار آهن. هن چيو ته اسان کي قراردادن کي اختيار ڪرڻ کان اڳتي وڌي انهن تڪرارن جي ??ستقل حل جي ??اءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن.