اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿيلسيميا ۽ رت جي ??ين بيمارين جي روڪٿام لاءِ موثر قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مرض کان بچاءُ جي ??اءِ احتياط ۽ آگاهي ضروري ??هي، ملڪ ۾ پوليو جي خلاف ڪاميابي سان مهم هلائي وئي، غذائي کوٽ جو معاملو انتهائي اهم آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ۾ پاٿ ويل بون ميرو ٽرانسپلانٽ سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ راولپنڊي ميڊيڪل يونيورسٽي جي ??ائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد عمر، ڊاڪٽر جمال ناصر، زمرد خان، پاڪستان ٿيلسيميا ويلفيئر سوسائٽي جي عهديدارن، طبي ماهرن، غيرسرڪاري ??نظيمن جي ??مائندن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. هن چيو ته ٿيلسيميا جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم لازمي آهن ته جيئن مريضن جي انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. ٿيلسيميا سميت ٻين بيمارين جي روڪٿام لاءِ وڌيڪ موثر طريقي تي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن ٿيلسيميا جي ??رض جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي ??اءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاٿ ويل بون ميرو ٽرانسپلانٽ سينٽر ۽ ان جا منتطمين ان حوالي سان بهترين ۽ قدر جوڳو ڪم ڪري ??هيا آهن جڏهن ته پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ٿيلسيميا جي حوالي سان ڪافي ڪم ڪيو آهي. صدر چيو ته پاڪستاني انساني همدردي جي جذبي سان سرشار آهن ۽ ملڪ ۾ سرندي وارن جي ڪا کوٽ نه آهي، ڪورونا جي دوران سمارٽ لاڪ ڊائون سان ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته ان جي ابتڙ پوري ??نيا ۾ لاڪ ڊائون جي خلاف هڙتالون ٿيون، موٽاپو ۽ ذيابيطس وڌي رهيا آهن جڏهن ته هيپاٽائيٽس به پکڙجي رهيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خدا جي ??خلوق جي ??دد ڪندڙن کي الله ويجهو رکي ٿو. صدر چيو ته وقت سر ڪوششن ۽ علاج جي ??تيجن سان ڪيترين ئي بيمارين کي روڪي سگهجي ??و، پاڪستان ۾ پوليو جي خلاف ڪامياب مهم هلائي وئي، ڪورونا جو مقابلو ڪيو ۽ ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ڪورونا جي ??با دوران دنيا جي ??ڙهيل لکيل قومن ۾ وڌيڪ مزاحمت هئي، ان دوران اسان جي ??وم ذميواري ??و مظاهرو ڪيو. صدر چيو ته غذائي کوٽ ۽ اسٽ??ٽن?? هڪ سنگين مسئلو آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسٽ??ٽن?? جا اثر سدائين رهن ٿا جڏهن ته غذائي کوٽ سان واڌويجهه تي منفي اثر پوي ٿو، حڪومت احساس پروگرام ۾ ان مسئلي تي پنهنجو ڌيان ڏنو آهي. تقريب کي پاٿ ويل بون ميرو ٽرانسپلانٽ جي صدر ميجر جنرل (ر) صحيب احمد پڻ خطاب ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي اداري ??ي سرگرمين کان آگاهه ڪيو.