اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??ان گڏيل قومن جي انٽرنيشنل چلڊرن ايمرجنسي فنڊ (يونيسيف) جي نئين مقرر ٿيندڙ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ يونيسيف جي پروگرام ۽ افغانستان ۾ انساني همدردي بابت قدمن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم حڪومت ۽ يونيسيف جي وچ ۾ تعاون کي ساراهيو. هن گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي اهم قدمن ۽ ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ??ي ٺوس قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم کيس ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي فروغ ۽ تحفظ جي لاءِ حڪومت جي ترجيحي قدمن کان ??گاهه ڪيو، جن ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي داخلائن ۾ اضافي، حفاظتي ٽيڪن جي پروگرامن ۾ وسعت، ٻارن ۾ غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ سرڪاري تعليمي نظام جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ جهڙا قدم شامل آهن. وزيراعظم افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران ??ي خاتمي لاءِ پاڪستان ??ي ڪوششن بابت ??ڻ ٻڌايو. هن گڏيل قومن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌر??ن جي امدادي سرگ??مي?? ۾ مدد جي لاءِ پاڪست??ن پاران قائم ڪيل ”انساني همدردي جي لنگهه“ جو حوالو ڏنو. يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ پاڪستان ??ڪومت جي تعاون کي ساراهيو ۽ پاڪستان ??ان ??صيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ يونيسيف جي عزم کي ورجايو. هن افغانستان ۾ يونيسيف جي ڪم ۾ پاڪست??ن پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد تي پڻ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. يونيسيف پاڪستان ??و هڪ اهم ترقياتي حصيدار آهي ۽ حڪومت سان ??اص طور تي عورتن ۽ ٻارن بابت مسئلن جي حل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.