بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ سرمائي اولمپڪس راندين جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي گڏيل رشتن، دوستي ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ حصيداري کي ??سيع پئماني تي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ اهم منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ عملي قدم جاري رکڻ جي عزم کي ??رجايو. وزيراعظم عمران خان واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي ??ڌي?? وڌائڻ، خاص طور تي تاريخي ٻطرفي ٽرانزٽ ٽريڊنگ ايگريمينٽ (يو پي ٽي ٽي اي) کي ??عال ڪرڻ ۽ ترجيحي واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي اهميت تي زو?? ڏنو. وزيراعظم ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي حوالي سان پاڪستان جي مڪمل حمايت کي ??ڻ ورجايو ۽ ايندڙ مهينن ۾ ان تي ??ڌي?? اڳڀرائي جي لاءِ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻطرفن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي ??ڌي?? بهتر بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم سياحت کي ??ڌائڻ، سڌوسنئون اڏامن جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ، بئنڪنگ رابطن کي ??ضبوط ۽ ويزا جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زو?? ڏنو. ٻنهي اڳواڻن تعليم ۽ ثقافت ۾ تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ بابري ورثي بابت گڏيل فلم ۽ ازبڪ زبان ۾ پاڪستاني ڊرامن جي ڊبنگ سميت گڏيل تحقيق ۽ ميڊيا منصوبن تي اڳڀرائي کي تسليم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ استحڪام جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ افغان صورتحال کي ??ڌي?? خراب ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران افغانستان جي لاءِ اقتصادي ۽ انساني امداد جاري رکڻ جي ضرورت تي زو?? ڏنو. عملي رابطن جي ضرورت تي زو?? ڏيندي ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان علائقائي استحڪام سان گڏوگڏ انفراسٽرڪچر ۽ رابطن جي منصوبن کي ??ڪمل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستاني عوام ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان جي دوري تي سندس استقبال جي منت??ر آهي. ٻنهي ڌرين دوري جي ٺوس نتيجن کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.