اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين سينئر اداڪار رشيد خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته رشيد خان بي شمار فلمن ۽ ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، هن پشتو، هندڪو ۽ اردو زبان جي پي ٽي وي ڊرامن ۾ شاندار اداڪاري سان ماڻهن جون دليون کٽيون. پنهنجي بيان ۾ چوڌري ??واد حسين چيو ته رشيد خان اداڪاري ۾ منفرد مقام رکندو هو، ان جا ڊراما اڄ به مشهور آهن، ان جي لاڏاڻي سان شوبز انڊسٽري ۾ پيدا ٿيندڙ خلا ڪڏهن به پُر نه ٿ??ندو، هن دعا ڪ??ي ته الله تعاليٰ مرحوم رشيد خان کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام ۽ پو??ين??ن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.