اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) ايوان ص??ر جي جامع مسجد مان حسب معمول جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئو?? نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان ص??ر جي عملدارن ۽ عملي جمعي نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي خطبي ۾ اسلامي تعليمات جي روشني ۾ معاشرتي ب??تر?? لاءِ نجي ۽ اجتماعي زندگي ۾ خوش گفتاري جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ٻين کي به اظهار راءِ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. حضور اڪرم ﷺ جي سيرت ۽ اخلاق کي اختيار ڪري ئي حقيقي زندگي جي منزل حاصل ڪري سگهجي ٿي. دلين ۾ خير هوندي ته معاشري ۾ به خير ئي پکڙجندو، ان طرح ??ڄي دنيا ۾ انسانن جي رهنمائي ڪندڙ قوم جوڙي سگهجي ٿي. ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي وئي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان ص??ر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئو?? نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.