اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته ڪاروباري عورتون ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، عورتن جي معاشرتي سرگرمين ۾ شرڪت کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ شهر?? ۾ ??هانگائي جو مسئلو وڌيڪ آهي، 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي ۾ منتقل ٿيا جنهن جي ڪري اڄ ڳوٺ?? ۾ ??اڻهو وڌيڪ خوشحال آهن، اسان کي مهانگائي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آمدني ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن فنڪا مائيڪرو فنانس بئنڪ جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته عورتون اسان جي آبادي جو 50 سيڪڙو حصو آهن، جيڪڏهن آبادي جو هڪ وڏو حصو ڪم نه ڪندو ته ملڪ اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. هن ??يو ته اسان کي معاشي سرگرمين ۾ عورتن کي شريڪ ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي هي ملڪ ترقي ڪري سگهندو. چوڌري فواد حسين ??يو ته هنرمند ۽ تعليم يافته عورتون پنهنجون ڪمپنيون جوڙي سگهن ٿيون، انهن جي لاءِ فنانس جي سهولت دستياب آهي، حڪومت به ڪيترن ئي پروگرامن ۾ عورتن کي مالي مدد مهيا ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته نئين ا??سا?? پروگرام ۾ 5 لک رپين تائين جا قرض دستياب آهن، عورتون پنهنجو ڪاروبار قائم ڪن، ڪاروبار هوندو ته روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. هن ??يو ته وزيراعظم جيڪو ريليف پئڪيج ڏنو آهي ان جو مقصد 31 هزار رپين کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي اٽو، دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏيڻ آهي. چوڌري فواد حسين ??يو ته آمدني گهٽ ٿيڻ سان مهانگائي جا مسئلا حل نه ٿيندا ۽ عالمي سطح تي تيل جون قيمتون گهٽ نه ٿينديون، ان لاءِ مهانگائي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آمدني ۾ اضافو لازمي آهي. هن ??يو ته 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي ۾ منتقل ٿيا، اڄ شهرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺ?? ۾ ??اڻهو وڌيڪ خوشحال آهن، شهر?? ۾ ??هانگائي جا مسئلا وڌيڪ آهن، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي آمدني ۾ اضافو ڪرڻو پوندو.