اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هدايتن تي هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ شاندار طريقي سان ملهايو ويو، خاتم ا??نبيين حضرت محمد ﷺ جي يوم ولادت جي موقعي تي ڏينهن جو آغاز فجر جي ادائيگي تي ملڪي سل??متي، ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ والاريل فلسطين جي جلد آزادي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو. ان موقعي تي سڄي ملڪ جي مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ قرآن خواني ڪئي وئي، جڏهن ته پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ جي روشني ۾ ملڪي بقاءَ، ملڪ جي سل??متي، قومي استحڪام، نطرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت، اسلام جي سربلندي، آئين ۽ قانون جي بالادستي، اتحاد بين المسلمين، بين المذاهب هم آهنگي، اتحاد ۽ اتفاق، ڀائيچاري جي فضا جي فروغ، مستقل بنيادن تي امن جي بحالي، دهشتگردي، انتهاپسندي، بدامني، غربت، بيروزگاري، مهانگائي جي خاتمي، عوامي ڀلائي ۽ قومي خوشحالي جون خصوصي دعائون به ڪ??ون ويون. وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ 21 ،21 توپن جي سل??مي ڏني وئي، جشن عيدميلاد النبي صه ڀرپور مذهبي عقيدت ۽ احترام ۽ ان عزم سان ملهايو پيو وڃي ته نبي آخر الزمان صه جي ت??ليمات کي ڀرپور انداز ۾ عام ??يو ويندو. عيد ميلاد النبي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ محفلن، جلسلن جو سل??لو شروع ٿي ويو آهي، سمورين تقريبن ۾ ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ??يو پيو وڃي.