اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روڊن جي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته معياري روڊن جي ??عمير سان ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن جي وچ ۾ رابطا، واپار ۽ روزگار جا موقعا وڌندا، اهڙن خيا??ن جو اظهار هن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ??نتظام هيٺ منصوبن تي اڳڀرائي جي ??ائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مواصلات وارو و??اقي وزير مراد سعيد، منصوبابندي وارو و??اقي وزير اسد عمر، خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل، منصوبابندي ڪميشن وارو ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چٽاڀيٽي وارو جائزو پيش ڪندي آگاهه ڪيو ته اڳوڻي حڪومت جي ٽن سالن (16 -2013ع) ۾ صرف 645 ڪلوميٽر جا روڊ تعيمر ٿيا ۽ موجوده حڪومت جي ٽن سالن ۾ ڪل 1753 ڪلوميٽر ڊگها روڊ مڪمل ٿي چڪا آهن، منصوبابندي جي ??والي سان گذريل حڪومت جي ??ور جي ٽن سال ۾ صرف 858 ڪلوميٽر جڏهن ته موجوده حڪومت جي ٽن سالن ۾ 6118 ڪلوميٽر ڊگهائي تي مشتمل روڊن جي منصوبابندي مڪمل ڪئي وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته هلندڙ سال ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي 27 منصوبا مڪمل ڪري وٺندي، بلوچستان ۾ 3 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ جي ??وڊن جي ??عمير ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم جي پاڻ ڀاڙڻ جي ويزن موجب منصوبا قرضن بدران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ??ريعي مڪمل ڪيا پيا وڃن، اجلاس کي راولپنڊي کان کاريان، ميانوالي کان مظفر ڳڙهه ۽ حيدرآباد کان سکر روڊن تي اڳڀرائي جي ??فصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته معاشي ترقي ۾ روڊن جو اهم ترين ڪردار آهي، هن چيو ته معياري روڊن جي ??ياري سان ڳوٺن ۽ شهري علائقن جي وچ ۾ رابطا، واپار ۽ روزگار جا موقعا وڌندا، بهترين روڊن جي ڪري گاڏين جي مرمت ۽ پيٽروليم منصوعات جي ??رآمد جي ??رچ به گهٽ ٿي ويندا. وزيراعظم چيو ته مواصلات جي ??هم ۽ وڏن منصوبن تي روزاني جي ??نياد تي اڳڀرائي جو پاڻ جائزو و??ندس. هن هدايت ڪئي ته منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي.