اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ايوان جي ڪارروائي خوش اسلوبي سان هلائڻ لاءِ سياسي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن سان رابطي ۾ آهيان، منهنجي خلاف عدم اعتماد واري رٿ مخ??لف ڌر جو قانوني حق آهي، ايوان هلائڻ حڪومت ?? مخالف ڌر جي گڏيل ذميداري آهي، آئون پنهنجي حلف جي گهرجن مو??ب ايوان هلائيندس، منهنجي استعيفا جو مطالبو مخ??لف ڌر جي خواهش ٿي سگهي ٿي، آئون ايوان مان ملندڙ ميڊيٽ مو??ب پنهنجي ذميداري سرانجام ڏيندو رهندس. پارلي??مي??ٽ هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان غ??ر رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ واقعا افسوسناڪ آهن، اهڙا واقعا جمهوريت لاءِ سٺو سنئوڻ نه آهن، منهنجي پوري ڪوشش هوندي آهي ته ايوان جي ڪارروائي کي قاعدن مو??ب هلايو وڃي، هن چيو ته حڪومت ?? مخالف ڌر کي هڪ پيج تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته بجيٽ اجلاس ۾ ميمبر پنهنجي تڪن جي ڳالهه ڪندا آهن ان لاءِ اهو بجث انتهائي اهم هوندو آهي، مخ??لف ڌر ۽ حڪومت ٻنهي کي درخواست آهي ته ايوان جي تقدس جو خيال رکن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ مخ??لف ڌر جو قانوني حق آهي، مخ??لف ڌر پنهنجو قانوني حق استعمال ڪري پر ايوان جي اندر پارلياماني روايتن جو خيال رکيو وڃي.