اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهوٽڪي ريل حادثي جي شهيدن ۽ ڪينيڊا ۾ قتل ٿيل پاڪستاين لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. وزيراعظم هائوس مان جاري بيان موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير، اطلاعات واري وزير ۽ پارلياماني معامن واري صلاحڪار اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي راءِ ڏيڻ جو اختيار ڏيڻ جي ??وا??ي سان هيستائين جي اڳڀرائي کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. ٽرانسپورٽ اينڊ لاجسٽجڪس بابت ڪابينا ڪميٽي پاران ڪابينا کي ابتڊائي رپورٽ پيش ڪئي وئي. قانون واري وزير ڪرمنل لا ريفارمز (فوجداري قانون) جي ??وا??ي سان اڳڀرائي کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، وزيراعظم فوجداري قانونن ۾ سڌارن جي ??وا??ي سان قانون واري وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جو ادا ٿيل سرمائي ۽ شيئر ڪيپيٽل ۾ ا??افي جي تجويز به منظور ڪري ورتي، ڪابينا فرسٽ وومن بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي انڊپنڊنٽ ڊائريڪٽرز ۽ چيئرمين جي مق??ري جي به منظوري ڏني وئي، ان ۾ نجيب آگره والا فرسٽ وومن بئنڪ جو نئين چيئرمين هوندو، بشريٰ احسان، صبحيه سلطان، اڪبر علي، وجاهت رسول خان ۽ نغمانه عالمگير هاشمي شامل آهن. ڪارلٽن هوٽل ڪراچي جي زمين کي اپارٽمينٽس جي تعمير لاءِ استعمال آڻڻ، پاڪستان ڪوارٽرز ۽ جمشيد ڪوارٽرز ڪراچي جي ري جنريشن پلان جي منظوري جي ايجنڊا ملتوي ڪئي وئي. ڪابينا عامر محي الدين (بي ايس 20 سيڪريٽريٽ گروپ) کي چي?? ايگزيڪيٽو آفيسر پاڪستان هائوسنگ فائونڊيشن مق??ر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا اسلام آباد ڪيپٽيل ٽيريٽري لوڪل گورنمينٽ جا رولز قانون بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيا. جسٽس (ر) ضياءُ پرويز کي ڪميشن آف انڪوائري براءِ گم ٿيل ماڻهن ۾ ميمبر طور مق??ر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، اها سيٽ 27 ڊسمبر 2020ع تي جسٽس (ر) غوث محمد جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي. ڪابينا عمر حبيب لوڌي کي مينيجنگ ڊائريڪٽر يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان مق??ر ڪرڻ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا قومي تراني کي جديد طرز تي جي رڪارڊ ڪرڻ (اينالاگ کان ڊولبي ايٽمز ٽيڪنالاجي کان ڊجيٽل ڪرڻ) ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران پيش ڪيل تجويز کي به منظور ڪيو ته پي ٽي وي اسپورٽس تي سيريز اي چيمپئين شپ 19 -2018ع، پاڪستان بمقابله بنگلاديش 2020ع ڪرڪيٽ ميچز ڏيکارڻ جي ڏس ۾ پي ٽي وي پاران سوني پڪچرز نيٽ ورڪ کي ادا ڪرڻ جوڳي رقم جون ادائيگيون ڪيون وڃن تنهن هوندي به ڪابينا پاڪستان انگلينڊ جي ميچز جي ??وا??ي سان پي ٽي وي کي ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا مبشر حسن (انفارميشن گروپ آفيسر) کي مينيجنگ ڊائريڪٽر اي پي پي مق??ر ڪرڻ جي منظوري ڏني