اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عل??مه اقبال اوپن يونيورسٽي ج?? وائس چانسلر کي هارڊ شپ ڪيس جو فيصلو شاگردياڻي ج?? حق ۾ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ج??هن کي يونيورسٽي انتظاميه جي بدانتظامي ج?? ڪري ايم ايڊ جي ڊگري جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، صدر ان ڏس ۾ وفاق محتسب جي فائنڊنگز کي به معطل ڪري ڇڏيو آهي ج??هن ۾ وفاقي محتسب سپريم ڪور?? جي هڪ فيصلي ج?? حوالو ڏيندي قرار ڏنو هو ته عدالتن کي تعليمي ادارن جي پاليسي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي، شڪايت ڪندڙ مس آسيه س??يد ملڪ وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف صدر پاڪستان وٽ اپيل داخل ڪئي هئي، صدر جيڪو يونيورسٽي ج?? چانسلر به آهي، هن ڪيس کي منفرد قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ يونيورسٽي جا عملدار پنهنجي بدانتظامي تي ضابطو آڻڻ بدران شاگردياڻي کي نشانو بڻايو، مس آسيه س??يد يونيورسٽي ج?? ايم ايڊ پروگرام ۾ داخل هئي، هو خزان 2017 ۾ ٿيندڙ امتحان ۾ پيش ٿي تنهن هوندي به هو ورڪشاپ ۾ شامل نه ٿي سگهي، کيس ان کانپوءِ عل??مه اقبال اوپن يونيورسٽي ليٽر نمبر No.F. M.Ed/MD Edu.-w/s (Spr -19) MN/115 dated 21.08.2019 جي ذريعي ورڪشاپ ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي تنهن هوندي به آخر ڪار کيس ڊگري ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.