اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي چيو آهي ته وفاقي ٽيڪس محتسب جي ا??اري کي وڌيڪ مستحڪم ڪري ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر ۽ فوري رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، شڪايتن جي ا??الي لاءِ ايف بي آر سان رابطو وڌايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ٽيڪس محتسب مشتاق احمد سکيرا سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي ٽيڪس محتسب صدر کي سالياني رپورٽ سال 2020ع پيش ڪئي. صدر چيو ته ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي خلاف ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر ۽ فوري رليف جي فراهمي لاءِ قدم کنيا وڃن، ٽيڪس عملدارن جي خلاف عوامي شڪايتن جي ا??الي لاءِ ٽيڪس محتسب جي اهم ڪردار جي باري ۾ آگاهي ضروري آهي، هن چيو ته ٽيڪس محتسب جي ا??اري کي وڌيڪ سگ??ه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪس محتسب ٽيڪسن جي وصولي بهتر بڻائڻ ۽ بي ضابطگيون گهٽ ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.