اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دورا?? ڪورونا جي هڪ هز??ر 78 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 20 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا، جنهن مان 17 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دورا?? ڪووڊ – 19 جا 32 هز??ر 933 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هز??ر 504، پنجاب ۾ 11 هز??ر 432، خيبرپختونخوا ۾ 3 هز??ر 211، اسلام آباد ۾ 5 هز??ر 229 ، بلوچستان ۾ 603 ، گلگت بلتستان ۾ 355، آزاد ڪشمير ?? 599 ٽيسٽ شام?? آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 13 هز??ر 527 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ت?? سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هز??ر 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 98 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 11 هز??ر 864 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 32 هز??ر 186 آهي.