اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تاپي گئس پا??يپ لائين منصوبي جي جلد تڪميل تي ز??ر ڏيندي چيو آهي ته منصوبو پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪمانستان جي صدر قرب??ن علي محدوف سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ موجوده ٻه طرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار ۽ معيشت ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏنو، ٻنهي اڳواڻن پاڪ – ترڪمانستان ٻه طرفي لاڳاپا، تاپي گئس پا??يپ لائين منصوبي ۽ ٽي اي پي پاور ٽرانسميشن لائنز جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.