ڪراچي – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گ??رنر عمران اس??اع??ل چيو آهي ته ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جو فيصلو ڪاميٽي ڪندي، ڪاميٽي جي سربراهي وفاقي وزير اسد عمر ڪري رهيو آهي. برساتن سبب سڄي سنڌ تباهه ٿي آهي پر ميڊيا جو ڌيان ڪراچي تي گ??ڻو رهيو، صوبي ۾ ??ني??دي ڍانچي کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي بدين جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گ??رنر چيو ته ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جو فيصلو ڪاميٽي ڪندي، ڪاميٽي جي سربراهي وفاقي وزير اسد عمر ڪري رهيو آهي. سنڌ جي گ??رنر عمران اس??اع??ل اربع ڏينهن گورنر پنجاب چوڌري سرور سان گڏ بدين ضلعي جي برسات سٽيل علائقن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سا??س گڏ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر جمال صديقي، بيرسٽر حسنين مرزا، سنڌ جي گ??رنر جو مشير علي جوڻيجو، اخوت فائونڊيشن جو سربراهه ڊاڪٽر امجد ثاقب به پڻ موجود هئا.